191

سکر ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ گوليون هڻي گاڏين جو مستري قتل، جوابدار گرفتار

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر جي بس اسٽاپ ويجهو قائم آدم شاهه ڪالوني ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ ڪري گاڏين جي مستري ساجد جمالي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو ويو، آباد پوليس پوليس موجب مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي جوابدار بلاول جمالي کي گرفتار ڪري ورتو آھي،گرفتار جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، جوبدار جي قبضي مان قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل ۽ گوليون برآمد ڪيون ويون آهن، هوڏانهن مقتول جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو