134

ڊيرا الهيار ڀرسان زميني تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

جعفر آباد (ويب ڊيسڪ) ڊيراالله يار ڀرسان ڳوٺ صحبت خان راھوجا ۾ زميني تڪرار تان راھوجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙوٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گوليون لڳڻ سبب حافظ فدا حسين راھوجا ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي ڪيٽل فارم ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي حافظ فدا حسين راھوجي جو لاش کڻائي ڪري سول اسپتال ڊيرا الله يار آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ھو ڏانھن لاش گھر آڻڻ تي ڪھرام مچي ويو، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو