201

وفاقي حڪومت جو چونڊ سڌارڻ بابت پيڪيج جو اعلان، وزيراعظم چونڊ سڌارڻ لاءِ اهم فيصلو ڪيو آهي: فواڌ چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انياف جي اڳواڻن چيو آهي ته ملڪ ۾ شفاق ۽ آزاد چونڊن لاءِ وزيراعظم عمران خان چونڊ سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته چونڊن کان پوءِ جهيڙا ٿيندا آهن ته اسان کي نتيجا قبول نه آهن، وزيراعظم پهرين ڏينهن کان ئي ڌانڌلي جي الزام تي پارلياماني ڪميٽي ٺاهي ڇڏي هئي، اپوزيشن جو الزام هو ته آر ٽي ايس ويٺل آهي، اسان تفصيل گهريا ته اهي به نه ڏنا ويا، اسان فارم 45 جا تفصيل گهريا پر اهي به نه ڏنا ويا، هن چيو ته مسلم ليگ(ن) پيپلز پارٽي کي چئي رهي آهي ته ڌانڌلي ٿي، سينيٽ چونڊن ۾ اسان اوپن ووٽ جي ڳالهه ڪئي، پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ سينيٽ جو ووٽ اوپن ڪرڻ جي ڳالهه ڪري چڪا آهن، تحريڪ انصاف سينيٽ چونڊن جي لاءِ اوپن بيلٽ جي ڪوشش ڪئي پر اپوزيشن ڦري وئي، يوسف رضا گيلاني ڪهڙي طريقي سان سينيٽر بڻيو اهو سڀني جي سامهون آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سينئر قانوندان بابر اعواڻ ان موقعي تي چيو ته ملڪ زمين  ۽ بلڊنگ سان نه پر ادارن ۽ عوام سان بڻجندا آهن، 2013 جي  چونڊن ۾ سياسي ڌانڌلي جو طوفان اوٿيو، 2013 ۾ هڪ جج صاحب ريٽرننگ آفيسرن کي خطاب ڪيو، 4 تڪ نه کوليا ويا ته ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو ڌرڻو هنيو ويو ۽ 2013 جي چونڊن کي سمورين پارٽين آر او جون چونڊون قرار ڏنو،  هن چيو ته سياسي پارٽين جمهوريت جي لاءِ 2 ريفارم تجويز ڪيون آهن، سياسي پارٽين جي اندر به جمهوريت نظر اچڻ گهرجي، ڪنهن به سياسي پارٽي جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار ميمبر جو هجڻ لازمي هوندو، سمورين سياسي پارٽين جي لاءِ لازمي هوندو ته  هو  ساليانه ڪنوينشن منعقد ڪن، چونڊ ريفارمز جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي بابر اعواڻ چيو ته  چونڊ سڌارا نه ٿيا ته آئيني ادارن تي عدم اعتماد جو بحران پيدا ٿيو، ان ڪري وزيراعظم چونڊ سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 49 جي ويجهو تبديليون  ڪرڻ جي باري ۾ هاڻ سوچيو پيو وڃي، بابر اعواڻ ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي استعمال لاءِ سيڪشن 103 ۾ ترميم آڻي رهيا آهيون، اسان ميڊيا کي ووٽنگ جو سسٽم ڏيکارينداسين جيڪي قومي ۽ بين الاقوامي ادارن ٻڌايو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ سان چونڊ عمل ۾ الزامن واري سياست ختم ٿي ويندي، هن ٻڌايو ته آبادي جي بجاءِ رجسٽرڊ ووٽن جي بنياد تي تڪ ٺاهيا ويندا، تڪ بنديون نادرا جي ڊيٽا موجب ڪنداسين، پولنگ اسٽاف، آفيسرن  تي جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض هوندو ته اهو ان کي 15 ڏينهن ۾ چيلنج ڪري سگهندو، اليڪشن ترميم ۾ ڪابه شيءَ اهڙي ناهي جيڪا ڪنهن هڪ پارٽي جي مفاد ۾ هجي، بابر اعواڻ چيو ته سمورين سياسي پارٽين اليڪشن ۾ ڌانڏلي بابت ڳالهه ڪئي آهي، اپوزيشڻ پارٽين هينئر تائين ڪنهن به ٽربيونل ۾ ڪي به  ثبوت پيش نه ڪيا آهن، هن چيو ته آمريڪي صدر پاڪستاني سياستدانن جيان روئڻ شروع ڪيو،آمريڪي صدر اليڪٽرانڪ نظام ۾ ثبوت نه هجڻ سبب پنهنجي دعوائن ۾ ناڪام ٿي ويو، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته وزيراعظم چيو ته چونڊ سڌارن جو ايجنڊا  سول سوسائٽي، پريس ڪلبس، بار ڪائونسلز کي ڏيکارينداسين، اصلاحاتي ايجنڊا اي پي اين ايس ۽ سي پي اين اي جي سامهون به کڻي وينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو