125

وفاقي ڪابينا سنڌ ۾ ايس او پيز تي عمل لاءِ فوج مقرر ڪرڻ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ بابت آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن (اي وي ايم) جي استعمال ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي سهولت لاءِ اختيار ڏيڻ بابت 2 آرڊيننس جاري ڪرڻ، سنڌ ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سرڪاري ملازم نوڪري تان استعفا ڏيڻ بنا ايم پي ون ۽ ايم پي ٽو اسڪيل حاصل ڪرڻ، آءِ پي پيز کي رهتن جي مد ۾ 40 سيڪڙو ادا ڪرڻ ۽ پاڪ سعودي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ سپريم ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اڱاري ڏينهن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ صحافين کي اجلاس جي ڪارروائي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ٻه آرڊيننس منظور ڪيا آهن، جنهن هيٺ  اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال ڪري سگهندي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جي سهولت جو بندوبست ڪندي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي، ن ليگ ۽ پ پ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ نه ٿيون چاهين. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي اندرين معاملن ۾ يورپي يونين جي ڪنهن ٺهراءَ کي اهميت نٿا ڏيون، وزيراعظم چيو آهي ته ناموس رسالت صه تي ڪو سمجهوتو نٿو ٿي سگهي، يورپي يونين جي ٺهراءَ جو اثر پاڪستان ۾ اندرين معاملن تي نه پوندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اجلاس شروع ٿيڻ تي هدايت ڪئي ته بزرگ ماءُ پيءُ جي تحفظ بابت قانون ٺاهڻ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. هن ٻڌايو ته ٻڌايو ته عيد جي آخر تائين مقامي طور تي تيار ٿيندڙ  اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو ماڊل (پروٽوٽائپ) مڪمل طور تي تيار ڪيو ويندو. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ بابت وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ووٽنگ ڪرائڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان بابت قانون ۾ تبديلي ڪئي پئي وڃي. وفاقي ڪابينا سنڌ حڪومت جي درخواست تي صوبي ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ فوج جي مقرري جي به منظوري ڏني. ڪابينا ناجائز طريقن سان گڏ ڪيل ناڻي جو پتولڳائڻ لاءِ نيشنل پاليسي جي پڻ منظوري ڏني،  وفاقي ڪابينا عيدالفطر جي موقعي تي مختلف ڪيسن جي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي سفارش جي تجويز منظور ڪئي آهي. اها گهٽتائي قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين، فرقه واريت، زنا، ڌاڙي، اغوا ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ سزا هيٺ آيل قيدين کي نه ملندي. گهرو وزارت پاران عيد جي موقعي تي رڳو 30 ڏينهن جي رعايت تجويز ڪئي وئي هئي جڏهن ته ڪابينا اهو مدو وڌائي 90 ڏينهن ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سعودي – پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جي لاءِ معاهدي جي منظوري ڏني. ٻي پاسي اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان سمورن مذهبن کي مڃيندڙن جي دل آزاري روڪڻ جي لاءِ قانوني قدمن تي زور ڏيندي چيو آهي ته راءِ جي اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اسان پنهنجي نبي صه جن جي شان ۾ گستاخي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ڪو مذهب نه آهي، اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اسان جي نبي ڪريم صه جن جي شان ۾ گستاخي سان ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿئي ٿي ۽ اسلامو فوبيا سان بين المذاهب نفرت کي هٿي ملي ٿي، مسلمان دنيا کي متحد ٿي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو مسئلو اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌي چڪو آهي، مون وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ ڪوشش ڪئي ته مسلمان ملڪن ۽ اولهه دنيا جي وچ ۾ جيڪو خال وڌي رهيو آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسلامي دنيا نبي ڪريم صه جي ناموس ۾ گستاخي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، جڏهن ته اولهه ان کي اظهار جي آزادي جو نالو ڏي ٿو. اولهه جي دنيا ان معاملي ۾ مسلمانن جي جذبن کي سمجهي ئي نه ٿي ۽ مسلمان اولهه ملڪن جي ذهن کي نه ٿا سمجهن. اولهه کي اندازو ئي نه آهي ته مسلمان پنهنجي نبي ڪريم صه جو ڪيتري قدر احترام ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته مسلمان ملڪن اولهه کي پنهنجي احساسن ۽ جذبن کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ ڪا ٺوس ڪوشش نه ڪئي. اولهه جي لاءِ مذهب جو تصور اسان جي تصور کان تمام گهڻو مختلف آهي. وزيراعظم چيو ته مون ڪوشش ڪئي ته مسلمان قيادت کي ان معاملي تي متحد ڪريان ۽ اسان گڏجي اولهه ۽ يورپي ملڪن جي اڳواڻن کي سمجهايون ته اسان جي نبي ڪريم صه جي ناموس ۽ تڪريم ڪهڙي قسم جو معاملو آهي ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اسان پنهنجي نبي صه جن جي شان ۾ گستاخي برداشت نه ٿا ڪري سگهون. اسان کي اولهه کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ضرورت آهي ته دهشتگردي ۽ اسلام جو ڪو تعلق نه آهي. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ڪو مذهب نه آهي، شدت پسندي کي اسلام سان ڳنڍڻ سان عالمي سطح تي مسلمان متاثر ٿين ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪنهن به معاشري جي ان جي انتهاپسندن سان سڃاڻپ نه ٿي ڪري سگهجي. اولهه ۾ ڪو هڪ مسلمان جيڪڏهن دهشتگردي جي ڪنهن واقعي ۾ ملوث هجي ته سڀني مسلمانن کي ان جو ذميوار قرار ڏيڻ صحيح نه آهي. اسان کي اولهه کي سمجهائڻ جي ضرورت آهي ته آپگهاتي حملن سان اسلام جو ڪو واسطو  نه آهي. وزيراعظم چيو ته او آءِ سي عالمي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اسلام جي صحيح تشخص ۽ امن جي پيغام کي اجاگر ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسلامو فوبيا سان بين المذاهب نفرت کي هوا ملي ٿي ۽ تهذيبن جي وچ ۾ افهام ۽ تفهيم کي نقصان پهچي ٿو. اسلامي ملڪن جي سفيرن اسلامو فوبيا جي خلاف وزيراعظم جي ڪوششن جي آجيان ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو