133

سنڌ حڪومت اسٽيل ملز جو آڪسيجن پلانٽ جي بحالي تي هڪ ارب روپيا خرچ ڪرڻ لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس صورتحال کي نظر ۾ رکندي سندس حڪومت اسٽيل ملز ۾ آڪسيجن پلانٽ هلائڻ تي هڪ ارب روپيا خرچ ڪندي. اسان گهڻي نازڪ صورتحال مان گذري رهيا آهيون تنهن ڪري اسان کي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. هن اها ڳالهه اڱاري تي وزيراعليٰ هائوس ۾ خاص ڊاڪٽرن کي خطاب ڪندي چئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ۾ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ناصر شاهه، صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، وائيس چانسلر ڊائو ڊاڪٽر سعيد قريشي، ڊاڪٽر باري، ڊاڪٽر فيصل، ڊاڪٽر شهلا بقي، ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمين جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس جي نئين لهر پاڪستان جي مختلف وڏن شهرن کي گهڻو متاثر ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان پڻ ان صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ناليوارن ڊاڪٽرن سان ملاقات جو مقصد صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ لاڳاپيل سفارشن تي ڪم ڪرڻ آهي. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي هڪ ٽيم پاڪستان اسٽيل مل جي آڪسيجن پلانٽ جو دورو ڪيو هو ۽ چيو هو ته اهو ٻيهر نه ٿو هلائي سگهجي. جنهن کان پوءِ اسان بلاول ڀٽو جي هدايتن تي پاڪستان اسٽيل ملز جي ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن اسان کي ٻڌايو ته هڪ ارب روپين جي خرچ سان ٽن مهينن اندر بحال ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پلانٽ جو دورو ڪرڻ لاءِ ٽيم کي موڪليو ويندو ۽ جيڪڏهن ان جي بحالي ممڪن آهي ته صوبائي حڪومت هڪ ارب روپيا خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته اسان کي آڪسيجن جي ضرورت آهي جنهن لاءِ اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين. ڊاڪٽرن حڪومت کي ڪورونا وائرس ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي تجويز ڏني. هن چيو ته هن وقت سنڌ جون حالتون ٻين صوبن جيان وڌيڪ خراب نه آهن پر اسان جي ضلعن ۾ حيدرآباد، ڪراچي اوڀر ۽ ڪراچي ڏکڻ گهڻو متاثر ٿيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن انتظاميه ۽ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ڪوآرڊينيشن سان ڪم ڪيو وڃي ۽ ايس او پيز تي صحيح نموني عمل ڪرايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو