نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) وڏرا اهو مشورو ڏيندا آهن ته پئسو سڀ ڪجهه ناهي، پر هاڻي اهو سچ ثابت ٿي ويو آهي، دنيا جو امير ترين شخص به پنهنجي زال کي خوش نه رکي سگهيو آهي، بل گيٽس ۽ ملينڊا شادي جي 27 سالن بعد الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، دنيا جي امير ترين شخصيت ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني زال کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو، ٻنهي جي الڳ ٿيڻ جي اعلان بعد سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا ڪيا ويا آهن.
