120

نيب ۾موجود آفيسر وڏا فراڊ ڪري رهيا آهن،تماشو لڳو پيو آهي،چيئرمين خاموش آهي:چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بئنچ نيب آفيسرن پاران جوابدارن کي رشوت وٺڻ ۽ ٻيهر مقرري جو حڪم ڏيڻ خلاف نيب اپيل تي ٻڌڻي ٿي،  ڊپٽي پراسيڪيوٽر عمران الحق عدالت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪيو، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا ته نيب ۾موجود آفيسر وڏا فراڊ ڪري رهيا آهن،تماشو لڳو پيو آهي،چيئرمين خاموش آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته چيئرمين نيب ته سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج رهيو آهي،جاچ کانسواءِ ڪنهن ملازم کي ڪيئن فارغ ڪري سگهجي ٿو؟ نيب اهڙن ماڻهن کي پگهار ۽ غلط ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي،اهڙا آفيسر وڏا وڏا فراڊ ڪري رهيا آهن،چيئرمين خاموش آهي، انهن آفيسرن کي ادارو هلائڻ ئي نٿو اچي،نيب جو ادارو ڇاٿو ڪري،تماشو لڳو پيو آهي،2 مهينا ڪم لاءِ 3 سال لڳائي ڇڏيا آهن، 2018ع کان معاملو هلي پيو،اڃا تائين انڪوائري مڪمل ناهي ٿي سگهي،ڄاڻي واڻي ڪيس خراب ڪري رهيا آهن، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو