ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن (واءِ ڊي اي) مرحوم ڊاڪٽر قادر جي گهرڀاتين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته خودڪشي ڪندڙ ڊاڪٽر قادر کي 50 لک ڏنا وڃن، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر عمر سلطان چيو آهي ته ڊاڪٽر قادر جي گهرڀاتين کي 50 لک معاوضي سان گڏ ٻارن جي تعليم جو خرچ ڏنو وڃي،ڪورونا ڊيوٽيون ڪندڙ ڊاڪٽرن کي پڻ پگهارون ڏنيون وڃن،مسئلا حل ڪيا وڃن، 19 مئي تائين جيڪڏهن مسئلا حل نه ٿيا ته پوءِ احتجاج شروع ڪنداسين.
