134

ڪورونا وڌيڪ 161 حياتيون کسي ورتيون،3377ڪيس پازيٽو،ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾وڌيڪ ڪيس ظاهر

اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر وڌيڪ 161 حياتيون کسي ورتيون آهن، 3377ڪيس پازيٽو آيا آهن، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد وڌيڪ سختي ڪئي وئي آهي، رپورٽ موجب ملڪ ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران 37587 ٽيسٽن مان 3377 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي،161 ڄڻن دم ڏنو آهي، هوڏانهن اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته پاڪ فوج جي مقرري ۽ مضبوط حڪمت عملي سان ايس او پيز تي عملدرآمد بهتر ٿيو، عيد تائين اهڙي ئي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس صورتحال شيئر ڪئي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وڌيڪ 9 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو ٽوٽل انگ 4687 ٿي ويو آهي جڏهن ته 15297 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1122 نوان ڪيس سامهون آيا جنهن کانپوءِ ٽوٽل انگ 287642 تائين وڌي ويو آهي.  مراد علي چيو ته وڌيڪ 9 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو انگ 4687 ٿي ويو آهي جيڪا 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. وڏي وزير چيو ته 15297 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 1121 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 7.3 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 3695977 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جيڪي 287642 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن جيڪي 8 سيڪڙو تشخيصي شرح بڻجن ٿا. مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 612 مريض صحتياب ٿيا ۽ هيستائين 266388 مريض صحتياب ٿيا آهن جيڪي 92.6 سيڪڙو صحتيابي جي شرح آهن. هن چيو ته هن وقت 16،567 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 15939 گهرن ۾ جڏهن ته ڪوبه مريض آئسوليشن سينٽرن ۾ نه هجڻ جي اطلاعي آهي ۽ 628 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 592 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جنهن مان 56 مريضڻ کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مطابق 1122 نون ڪيسن مان 427 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 211، ضلع ڏکڻ 112، ضلع سينٽرل 58، ضلع اولهه 19، ضلع ملير 15 ۽ ضلع ڪورنگي 12 شامل آهن. حيدرآباد ۾ 286 نوان ڪيس، سکر 65، دادو 37، مٽياري 34، لاڙڪاڻو 31، شهيد بينظيرآباد 28، گهوٽڪي 25، ٽنڊوالهيار 24، ٽنڊو محمد خان 23، ميرپورخاص 21، بدين 20، ٺٽو 16، سانگهڙ 15، قمبر 10، نوشهروفيروز ۽ شڪارپور 9-9، خيرپور 8، ڪشمور 7، ڄامشورو 3، جيڪب آباد 2 ۽ سجاول هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو