129

ضرورت آڪسيجن جي آهي، حڪمران ووٽنگ مشين جون ٽافيون ورهائين پيا:پرويز رشيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته ضرورت آڪسيجن جي آهي،حڪمران ووٽنگ مشين جون ٽافيون ورهائين پيا، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پرويز رشيد چيو ته تيزي سان پکڙيل ڪورونا بي وس عوام جي مٿان موت جو رقص ڪري پيو، هن وقت ملڪ ۾ضرورت آڪسيجن، وينٽيليٽرز ۽ ويڪسين جي آهي، هن چيو ته سنگ دل ۽ لاپرواهه حڪمرانن کي عوام جي پريشاني جو ڪو به احساس ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو