اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن مفتاح اسماعيل جي درخواست منظور ڪري اين اي 249 جي ننڍي چونڊ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ مفتاح اسماعيل جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي تي پ پ طرفان لطيف کوسا ۽ ن ليگ طرفان سلمان اڪرم راجا دليل ڏنا. ن ليگ طرفان اميدوار مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، مصدق ملڪ ۽ محمد زبير ڪميشن ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته پ پ اميدوار قادر مندوخيل، سعيد غني، نيئر حسين بخاري ۽ فاروق ايڇ نائيڪ ڪميشن آيا. ن ليگ جي وڪيل سلمان اڪرم راجا ٻڌڻي دوران فارم 45 ڪميشن سامهون پيش ڪيو ۽ چيو ته صحيح ٿيل فارم 45 هر پولنگ ايجنٽ کي ڏيڻ لازمي آهي، 167 پولنگ اسٽيشن تي فارم 45 تي ڪنهن پولنگ ايجنٽ جي صحيح نه آهي، پولنگ بند ڪري فارم 45 ۽ 46 جي تياري وقت ڪجهه ٿيو. هن چيو ته فارم 46 جو معاملو پريشان ڪندڙ آهي، ان معاملي جي جانچ ڪئي وڃي، ڇو ته فارم 46 سواءِ هڪ جي ڪنهن پولنگ اسٽيشن تي پريزائيڊنگ آفيسر جاري نه ڪيو، فارم 45 جي ڌار پيپرز تي صحيحون ورتيون ويون، پولنگ بند ٿيڻ کان پوءِ قانون موجب طريقو اختيار نه ڪيو ويو، اسان کي سرڪاري طور تي 683 ووٽن جو فرق ٻڌايو ويو. سندس چوڻ هو ته فارم 45، 46 جو معاملو مداخلت ظاهر ڪري ٿو، اسان سڄي تڪ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪريون ٿا، رڳو ٻيهر ڳڻپ نه ڪئي وڃي پر معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي، ڇو ته سڄو معاملو شڪي ٿي ويو آهي. پ پ جي وڪيل لطيف کوسا دليلن ۾ چيو ته پولنگ وقت يا پوءِ آر او سامهون يا اليڪشن ڪميشن سامهون ڪا شڪايت نه ڪئي وئي، آر او پابند ناهي ته ٻيهر ڳڻپ جي درخواست منظور ڪري، انهن ڪي شاهديون نه لڳايون، بس چئي ڇڏيو ته شڪ شبها ٿي رهيا آهن، اها درخواست بنا جواز آهي، انهن هارائڻ کان اڳ ڪٿي درخواست نه ڏني. وڪيلن جي دليلن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ٻڌايو ويو. اليڪشن ڪميشن مفتاح اسماعيل جي درخواست منظور ڪندي تڪ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن پنهنجي حڪم ۾ چيو ته سڀ جماعتون 6 مئي تي آر او آفيس پهچي وڃن، 6 مئي جي صبح 9 وڳي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ٿيندي.
142