132

آرمي چيف سعودي عرب پهچي ويو،وزيراعظم 7 مئي تي روانو ٿيندو

رياض(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي عرب پهچي ويو آهي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان 7 مئي تي روانو ٿيندو، رپورٽ موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي عرب پهچي ويو آهي، سعودي سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) بلال اڪبر سندس استقبال ڪيو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه دوري دوران سعودي سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقات ڪندو، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي 7 مئي تي سعودي عرب روانو ٿيندو، دوري دوران پاڪ-سعودي لاڳاپن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو