143

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حضرت علي عه جي شهادت وارو ڏهاڙو ملهايو ويو، ماتمي جلوس برآمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يوم شهادت حضرت علي ڪرم الله وجهه سڄي ملڪ ۾ مذهبي عقيدت، جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ماتمي جلوس برآمد، سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت. تفصيل موجب 21 رمضان المبارڪ تي يوم شهادت حضرت علي عليه السلام ڀرپور مذهبي عقيدت، جوش ۽ جذبي سان سڄي ملڪ ۾ ملهايو ويو، ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، ڪوئيٽا، پشاور سميت چئني صوبن جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ ماتمي جلوس برآمد ٿيا ۽ مجلسون منعقد ڪيون ويون، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت رهيا، علماءِ اڪرام حضرت علي عه جو شان ۽ شهادت جو واقعو بيان ڪيو ۽ سلام پيش ڪندي چيو ته اسلام جي دشمنن سوچيو ته امام علي عه کي شهيد ڪري حق جو رستو بند ڪري ڇڏيندا پر اها شهادت امر بڻجي وئي ۽ هر طرف حق ۽ سچ جو علم بلند ٿيڻ لڳو، ذاڪر اهلبيتن طرفان ملڪ ۽ قوم جي سلامتي سميت ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون ويون ۽ نياز تقسيم ڪيو ويو.  جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه، سکر، شڪارپور، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، بدين، سانگهڙ، ٺٽو، دادو، جوهي، ڄام نواز علي، مٽياري، روهڙي، ڊکڻ، تلھار، ٽنڊو آدم،  کهڙا، مدئجي، ڀرياروڊ، ڀرياسٽي، ڪنڊيارو، باڊھه، قمبر ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪري مجلس عزا منعقد ڪيون ويون ۽ نياز تقسيم ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو