ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته شڪايت بنا سڄي تڪ ۾ وٽن جي ٻيهر ڳڻپ هڪ نئين روايت آهي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته 2018 ۾ ڪيترين ئي سيٽن تي ڪاميابي جي شرح 5 سيڪڙو هجڻ باوجود ٻيهر ڳڻپ جو موقعو نه ڏنو ويو. هن چيو ته پ پ ان نئين روايت جي آجيان ڪري ٿي، نئين روايت سامهون اچڻ کان پوءِ هاڻي اسان به 2018 جي انهن تڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ تي غور ڪنداسين، جتي ڪاميابي جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ هئي. ان کان اڳ هڪ ٻي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان پٽاٽن، بصر ۽ ٽماٽن جااگهه ته سنڀالي نه سگهيو اهو هاڻ ملڪ وري ڪهڙو هلائيندو؟ ملڪ ۾ مهانگائي 11.1 سيڪڙو جڏهن ته سالياني شرح 14.1 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. ڊبليو پي آءِ موجب مهانگائي جي شرح 16.6 سيڪڙو جڏهن ته ايس پي آءِ موجب ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 21.3 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته وزيراعظم هوش کان ڪم وٺي الميو اهو آهي ته ملڪ اندر مهانگائي ۾ گهٽتائي جو ڪوبه امڪان نه آهي. عمران خان جي حڪومت هر گذرندڙ ڏينهن سان مهانگائي جو طوفان آندو آهي. جڏهن ڪڻڪ ۽ ڪمند پيدا ڪندڙ ملڪ کنڊ ۽ اٽو ٻاهران گهرائي ته ملڪ ڪيئن هلندو. هن چيو ته ملڪ جو وزيراعظم پنهنجي تعريف کان سواءِ ٻيو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي.
124