ميھڙ (ويب ڊيسڪ) ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد قاضي عارف ڀرسان ڄامشورو پلاٽن کان 3 نامعلوم ھٿياربندن موٽرسائيڪل تي ايندڙ ٽن ڄڻن مٿان سڌي فائرنگ ڪري 45 ورھين جو عباس چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو، 42 ورھين جو ذوالفقار عرف ڀٽو ميرجت سخت زخمي ٿي پيو، ساڻس گڏ ٽيون عاشق گاڏھي کي ڪوبه جاني نقصان نه پھتو. جڏھن ته فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ذوالفقار عرف ڀٽو ميرجت کي تعلقه ميھڙ اسپتال بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جيڪو لاڙڪاڻي نيندين زخمن جا تاب نه سھندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. مقتول عباس چانڊيو جي ڀاءَ محمد نواز چانڊيو چيو ته مقتول عباس پنھنجي دوست ذوالفقار ميرجت ۽ عاشق گاڏھي سان گڏ ميھڙ مان ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته پوليس پوسٽ قاضي عارف ڀرسان رستي ۾ ٽن موٽرسائيڪل تي سوار ٻٽون لڳل ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني. ھن چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي ھٿياربندن بي گناھ منھنجي ڀاءَ ۽ سندس دوست کي قتل ڪيو آھي. واقعي جي شفاف نموني جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ھوڏانھن ايس ايڇ او اي سيڪشن ميھڙ نور مصطفيٰ پٺاڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته واقعو اسان کي جوابدارن جي ذاتي تڪرار تان ٿيڻ جا اطلاع مليا آھن، اسين واقعي جي وڌيڪ جانچ ڪري رھي آھي. ھوڏانھن واقعي جو ڪارڻ ڳجھارت بڻيل رھيو. جڏنھن واقعي جو اطلاع ملندي وڏي تعداد ۾ ماڻھون تعلقي اسپتال ميھڙ پھچي ويا ۽ ڊاڪٽرن پاران پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏھن ته مقتول عباس چانڊيو ۽ ذوالفقار عرف ڀٽو ميرجت ميھڙ ڀرسان ڳوٺ گاھي خان چانڊيو ۽ حمل جا رھواسي آھن، جيڪي بھ جي واپار لاءِ ميھڙ مان ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته قاضي عارف ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيا آھن. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو
152