134

ڀارت ۾ڪورونا جو نئون خطرناڪ وائرس ظاهر،3417 ڄڻا فوت،3 لک 68 هزار ڪيس پازيٽو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا جو نئون خطرناڪ وائرس ظاهر ٿيو آهي، وڌيڪ 3417 ڄڻا فوت ٿي ويا، 3 لک 68 هزار ڪيس پازيٽو آيا آهن. طبي ماهرن موجب ”اي پي“نالي خطرناڪ وائرس پندرنهن ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهي،ٽن کان چئن ڏينهن ۾مريضن جي حالت خراب ٿئي ٿي، جڏهن ته رياست اتر پرديس ۾نئون وائرس تيزي سان پکڙجي ويو آهي، جتي وڏي انگ ۾ماڻهو وٺجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن جي حالت خراب آهي، هوڏانهن مختلف شهرن ۾12هين ڏينهن ڪورونا وائرس جا 3 لک 68 هزار نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته 3417 ڄڻن دم ڏنو، ٻئي طرف ڪرناٽڪ اسپتال ۾آڪسيجن نه ملڻ ڪري 25 مريض ۽ مڌياپرديش ۾4 مريض فوت ٿي ويا، وڏي انگ ۾ماڻهو مرڻ جو خدشو  ظاهر ڪيو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو