146

شڪارپور ۾ گهٽي ۾ ڪچرو اڇلڻ تان شرن ۽ شيخن ۾ جهيڙو، فائرنگ، عورت مارجي وئي

شڪاپور(ويب ڊيسڪ) شڪارپور شھر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد الهه آباد ڪالوني ۾ گھٽيءَ ۾ ڪچرو ڦٽي ڪرڻ تان شر ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن دؤران شر برادري جي ماڻھن طرفان ڪيل فائرنگ ۾ گھر ٻاھران بيٺل نوجوان ناري صائمه خاتون زال جمال الدين جکرو گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي جنھن کي سندس وارثن کڻائي آر بي يوٽي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان طبي امداد ڏيڻ بعد کيس سکر منتقل ڪيو پئي ويو ته عورت رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، عورت جو لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد گهر آڻڻ تي ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن فائرنگ ڪندڙ بابن شر کي گرفتار ڪرڻ جا اطلاع هئا، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته واقعو شر ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪچرو ڦٽي ڪرڻ واري معمولي ڳالهه تان پيش آيو آھي، جنهن ۾ جکرن جي عورت قتل ٿي آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ھو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو