120

8 کان 16 مئي تائين پوري ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ تفريحي ماڳ مڪمل بند رهندا، عمل ڪرائڻ لاءِمانيٽرنگ ٽيمون جوڙڻ جو به فيصلو

اسلام آباد / ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي ماڻهن جي فوت ۽ متاثر ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ جي 9 ماڻهن سميت پوري ملڪ ۾ وڌيڪ 161 ماڻهو فوت ۽  3 هزار  377 ماڻهو متاثر ٿيڻ جي تصديق پڻ ٿي .  اين سي او سي جي فيصلي هيٺ 8 کان 16 مئي تائين پوري ملڪ جواپاري مرڪز، دڪان ۽ تفريحي ماڳ مڪمل طور تي بند رهندا ۽ ان فيصلي تي  عمل ڪرائڻ لاءِ مانيٽرنگ ٽيمون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وفاقي وزير اسد عمر ۽ ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزير اعظم جي صحت بابت خاص مددگار فيصل سلطان به خاص شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عيد جي موڪلن دوران (8 کان 16 مئي) دوران ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ٽيمون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اين سي او سي ۾ ڪيل فيصلن تحت ڪراچي جي سمنڊ ڪناري  ۽ ٻين تفريحي هنڌن تي به عوام کي وڃڻ کي اجازت نه هوندي، پر رڳو  گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي رهواسين کي واپس وڃڻ جي اجازت هوندي. جڏهن ته پيٽرول پمپس، ميڊيڪل اسٽورز، گروسري اسٽورز، بيڪري ۽ فوڊ آئٽمز جا دڪان کولڻ جي اجازت هوندي. وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي قائم ٿيل مانيٽرنگ ٽيمون ڄاڻايل سمورن حڪمن تي عمل ڪرائينديون. هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن اندر  پوري ملڪ ۾ وڌيڪ 161 ماڻهو فوت ۽  3 هزار  377 ماڻهو متاثر ٿيڻ جي تصديق پڻ ٿي. سنڏ ۾ 9 ماڻهو فوت ۽ هڪ هزار 121 ماڻهو متاثر ٿيا، جن مان  24 ڪلاڪن اندر پوري ڪراچي ۾ 427، ضلع حيدرآباد ۾ 286 ،سکر  ۾ 65، دادو ۾ 37، مٽياري ۾ 34، لاڙڪاڻي ۾ 31 ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ 28 ،  گهوٽڪي 25، ٽنڊوالهيار 24، ٽنڊو محمد خان 23، ميرپورخاص 21، بدين 20، ٺٽو 16، سانگهڙ 15، قمبر 10، نوشهروفيروز ۽ شڪارپور 9-9، خيرپور 8، ڪشمور 7، ڄامشورو 3، جيڪب آباد 2 ۽ سجاول هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. ٻي پاسي وفاقي وزير اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته  فوج جي مقرريءَ ۽ ٻين اپائن جي نتيجي ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ٿيڻ بهتري آئي آهي. قومي سطح تي ايس او پيز تي عمل جي شرح 25 اپريل تي 34 سيڪڙو هئي جيڪا 3 مئي تي وڌي 68 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هن چيو ته فوج جي مقرريءَ سان ايس او پيز تي عمل  بهتر ٿيو آهي. جڏهن ته عيد تي ان عمل کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو  ته ايس او پيز تي 3 مئي تائين سڀ کان وڌيڪ 88 سيڪڙو عمل وفاق ۾ ٿيو ۽ سڀ کان گهٽ 45 سيڪڙو عمل سنڌ ۾ ٿيو، جڏهن ته پنجاب ۾ 69، ڪي پي ڪي ۾ 66 ۽ بلوچستان ۾ 63 سيڪڙو عمل  ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو