لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت اڃا به سنجيده ناهي، رڳو تماشو جاري آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته وزيراعظم جي سرپرستي ۾قوم اٽي ۽ کنڊ جي لاءِ ڌڪا کائي رهي آهي، حڪومت اڃا به ڪورونا معيشت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙن سنگين مسئلن ۾ڦاٿل آهي، ڪي پي ڪي ۾قطارن ۾بيٺل عورتن ۽ مردن کي به اٽو نه ملي رهيو آهي.
