ميرپوربٺورو (ويب ڊيسڪ) ميرپور بٺورو لڳ چور واھ اسٽاپ وٽ جاتي واسي مزدور علي بخش ولد بچو ملاح ڄار جا ڏندڻ پٽيندي بجلي جي لڙڪيل تارن ۾ وچڙي فوت ٿي ويو، جنھن بعد ساڻس گڏ سندس مائٽ لاش جاتي ڏانھن سندس ڳوٺ کڻي روانا ٿي ويا آھن. واضع رھي ته وارثن پاران واقعي جو تعلقي جي ڪنھن به ٿاڻي تي اطلاع نه ڏنو ويو آھي، نه ئي سندس لاش کي پوسٽ مارٽم يا ضروري ڪارروائي لاي تعلقي اسپتال بٺورو آندو ويو.
124