اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت جو طريقو بلڪل سمجهه کان ٻاهر آهي، رپورٽن مطابق مراد علي شاهه چيو ته پوري ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال سنگين آهي، بين الصوبائي ٽرانسپورٽ کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن هفتن لاءِ بند ڪرڻ کپي، اسان ان کان اڳ به بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي هڻي چڪا آهيون، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻڌو هو ته اڏامن ۾ محدود سيٽون رکيون وينديون، پر ائين نه ٿيو، اسان سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ 20 سيڪڙو حاضري رکي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جي اجازت نه آهي، انٽرسٽي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، اپريل ۾ بين الصوبائي ٽرانسپورت بند ڪرڻي هئي اسان دير ڪري چڪا آهيون، مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم چوي ٿو ته گهبرائڻو ناهي پر مان ته آگسٽ 2019 ۾ ئي گهبرائي چڪو آهيان، وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ وارو وفاق جو طريقو سمجهه کان ٻاهر آهي، اسان کان هڪ وڏي ناڪامي ٿي جو اسان ويڪسين وقت تي نه گهرائي سگهياسين، اسان پٺتي پيل ملڪن کان به ويڪسينيشن گهرائڻ ۾ پوئتي آهيون، هڪ وزير ايس او پيز وارو عمل ناپڻ جي لاءِ ميٽر به ڪڍي ورتو آهي، بٽڻ دٻائيندي ئي ايس او پيز جي خبر پئجي ويندي آهي، اخباري بيان ڏيڻ ۽ نوان نوان ميٽر ايجاد ڪرڻ سان ڪورونا کي روڪي نٿو سگهجي، هڪ وزير چنڊ ڏسڻ ۽ وينٽيليٽر جو به ٻڌائيندو هو جيڪو ان جو ڪم ئي نه هو، اسان کي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻو آهي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اين سي او سي ۾ چيو هو ته يوم علي رضه تي هڪ فيصلو ڪريو جنهن تي سڀ پابند هجن، اين سي او سي يوم علي رضه جي جلوس تي پابندي لڳائي هئي پر ان کان پوءِ صدر چيو ته جلوسن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، وزيراعظم چوي ٿو ته ماسڪ نه پاتوسين ته صورتحال ڀارت جهڙي ٿي ويندي، ننڍي ڪمري ۾ 50 ماڻهو بيٺل آهن ته اهو ڪورونا کي روڪڻ جو طريقو ته نه آهي، اوهان روز ڪراچي مان 50 ماڻهو گهرايو ٿا.
130