اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت حڪم ڏنو ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ٻن ڏينهن اندر آڪسيجن سلنڊرز جي قيمت مقرر ڪري. قيمت مقرر ڪرڻ جو طريقو به واضح ڪيو وڃي، چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ڪورونا پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي چيو آهي ته قيمت مقرر نه ٿيڻ تي سپلائرز مرضي جا اگهه وصول ڪري رهيا آهن، سي اي او ڊريپ چيو ته آڪسيجن صنعت واري وزارت جي ماتحت آهي، اسان جو ان سان ڪوبه تعلق نه آهي، عدالت هدايت ڪئي ته سموري ملڪ ۾ آڪسيجن جي قيمتن بابت ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت وفاقي حڪومت کان پاڪستان اسٽيل مل کان آڪسيجن حاصل ڪرڻ بابت به رپورٽ طلب ڪئي آهي، سي اي او ڊريپ عدالت کي ٻڌايو ته وينٽي ليٽرز سميت ڪيترائي طبي اوزار ملڪ ۾ تيار ٿي رهيا آهن، ملڪ ۾ ڪورونا بابت ڪنهن به دوا جي کوٽ نه آهي، ايڪٽمرا انجيڪشن کان علاوه ڪيترين ئي دوائون جو اسٽاڪ موجود آهي، جسٽس مظهر عالم ميان خيل چيوته ايڪٽمرا جي حوالي سان ڪافي منفي رپورٽون آهن، عدالت اين ڊي ايم اي جي رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته اين ڊي ايم اي جي سمورن معاملن ۾ گڙبڙ آهي، هڪ ڪمپني کان اين 95 ماسڪ جي فيڪٽري لڳرائي وئي، فيڪٽري لاءِ سموري مشينري ۽ ڊيوٽيز جي ادائيگي روڪ ڪئي وئي، چارٽرڊ جهاز جي ذريعي مشينري گهرائي وئي ۽ ان جي ادائيگي به روڪ ڪئي وئي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته چين مان پاڪستاني سفارتخاني جي ذريعي ڇو خريداري ڪئي وئي؟ ڇا چين ۾ پاڪستاني سفارتخانو خريداري لاءِ استعمال ٿيندو آهي؟، چارٽرڊ جهاز به سفارتخاني جي ذريعي ئي ڪرايو ويو، ڇا چين ۾ پاڪستاني سفير خريداري ئي ڪندو آهي يا ڊپلوميٽڪ ڪم به؟ روڪ رقم ڪنهن کي ڏني وئي ڪنهن وصول ڪئي خبر ناهي هر شيءَ ۾ اين ڊي ايم اي جو ذڪر آهي، عدالت اين ڊي ايم اي کان قرنطينه سينٽرز بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،
