بلوچستان (ويب ڊيسڪ) زوب ۾ سرحد تي دهشتگرد حملي ۾ ايف سي جا 4 جوان شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر مطابق بلوچستان ۾ پاڪ افغان سرحد تي افغانستان کان دهشتگردن ڪنڊيدار تارون لڳائيندڙ ايف سي جي ٽيم مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ايف سي جا 4 جوان شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا، دهشتگردن جي فائرنگ سبب حوالدار نورزمان، سپاهي شڪيل عباسي، سپاهي احسان الله ۽ نائيڪ سلطان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ سبب 6 جوان به زخمي ٿي پيا جن کي سي ايم ايڇ ڪوئٽه منتقل ڪيو ويو آهي.
150