132

پاڪ افغان سرحد تي ايف سي اهلڪارن مٿان فائرنگ وارو واقعو ڏکوئيندڙ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ افغان بارڊر تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ ۾ مصروف ايف سي اهلڪارن تي سرحد پار کان دهشتگردن حملو ڪيو جنهن جي  نتيجي ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي حوالدار سميت 4 جوان شهيد جڏهن ته 6 زخمي  ٿي پيا، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد  بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ۽ ايف سي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ايف سي اهلڪارن  تي فائرنگ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته افغانستان ۾ موجود دهشتگردن بلوچستان جي ضلعي زوب جي علائقي مانزاڪئي سيڪٽر ۾ حملو ڪيو، ايف سي  جا جوان سرحد تي تارون لڳائڻ جي عمل ۾ مصروف هئا، ايف سي دهشتگردن جي فائرنگ جو فوري طور تي جواب ڏنو، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي حملي ۾ ايف سي جا چار جوان شهيد جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور تي ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال ڪوئٽه منتقل ڪيو ويو، شهيد ٿيندڙن ۾ حوالدار نور زمان، نائيڪ سلطان، سپاهي احسان الله ۽ سپاهي شڪيل عباس شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو