پنجاب (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت 8 مئي کان مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، لاڪ ڊائون جو فيصلو صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر ياسمين راشد جي صدارت اجلاس ۾ ڪيو ويو، لاڪ ڊائون جي دوران صوبي ۾ تمام نقل و حرڪت محدود ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروباري مقام بند رهندا، شهر ۾ اچڻ ونڃڻ جي رستن تي چيڪ پوائنٽس قائم ڪيو وينديون، هر چيڪ پوسٽ تي پوليس، رينجرز ۽ فوج کي مقرر ڪيو ويندو، وزير صحت ڊاڪٽر ياسمين راشد جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هلندڙ 15 کان 20 ڏينهن تمام اهم آهن، هن چيو ته عوام کان اپيل آهي ته ڪورونا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن جو ساٿ ڏين ۽ عيد سادگي سان ملهائين، احتياطي تدابير تي عمل ڪري ذميوار شهري هجڻ جو ثبوت ڏين، ٻي طرف چيف سيڪرٽري پنجاب هدايت ڏني ته عيد تي موڪلن جي دوران پارڪس، ڪاروباري مقام مڪمل بند ڪيا ويندا.
![](https://dailysobh.com/wp-content/uploads/2021/05/health-ministert-800x320.png)