عمرڪوٽ(ويب ڊيسڪ) ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو حدف جيڪو 2 لک پورو ڪرڻو ھو پر فوڊکاتو اڃا تائين حدف پورو نه ڪري سگھيو آھي، ٽارگيٽ مڪمل نه ٿيڻ تي ضلع انتظاميه طرفان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت ھيٺ درٻار ھال ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر غلام نبي سومرو، سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ چيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪڻڪ جو ٽارگيٽ 2 لک ٻوريون خريد ڪرڻ آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين هڪ لک 66 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون خريد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته باقي ٻورين جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي هن فوڊ کاتي جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل وقت جي اندر باقي رهيل ڪڻڪ جي ٻورين جو ٽارگيٽ پورو ڪيو وڃي ۽ انهي جي لاءِ ڪا به پريشاني هجي ته مون کان مدد ورتي وڃي ته جيئن مقرر ٽارگيٽ پورو ڪري سگهجي.
260