138

مدئجي ڀرسان هٿياربندن پاران مسافر گاڏيون روڪي لکين رپيا ڦر

مدئجي (ويب ڊيسڪ) مدئجي ڀرسان هٿياربندن پاران مسافر گاڏيون روڪي لکين رپيا ڦر، ان سلسلي ۾ سکر-لاڙڪاڻو مين روڊ تي هٿياربندن مسافرن کي يرغمال بڻائي روڪ رقم ۽ فونون ڦر ڪيون، هوڏانهن ٽرڪ ڊرائيورن غلام رسول بليدي ۽ رفيق بليدي دانهيندي ٻڌايو ته بهه سان ڀريل ٽرڪون ڪاهي جهٽ پٽ وڃي رهيا هئاسين ته اڇي مسجد وٽ جوابدارن ڦر ڪئي، سڏ پنڌ تي پوليس پڪٽ آهي، پر اهلڪارن ڪجهه به نه ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو