سڊني (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ميڪگل جي اغوا ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان رپورٽ موجب پوليس واردات ۾ ملوث چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو، جن جي سڃاڻپ اڳوڻي ڪرڪيٽر ميڪگل پڻ ڪئي آهي. ياد رهي ته ميڪگل کي هڪ مهينو اڳ اغواڪارن ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو هو ۽ مٿس تشدد پڻ ڪيو ويو هو.
