160

زلزلي ۾ بند ٿيندڙ گهڙيال ٻئي زلزلي ۾ پاڻمرادو هلڻ لڳو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان مان آيل هڪ دلچسپ خبر سامهون آئي آهي. خبر مطابق جاپان جي شهر ياما موٽو جي مندر فيو مونجي مندر ۾ نصيب ٿيل 100 سالا پراڻو گهڙيال 10 سال اڳ زلزلو اچڻ ڪري بند ٿي ويو هو، جيڪو ٻيهر زلزلو اچڻ ڪري پاڻمرادو هلڻ لڳو آهي. ساڳئي علائقي ۾ اچڻ کانپوءِ گهڙيال هلڻ سان گڏ ٽائيم ٻڌائڻ لڳو، جڏهن ته علائقي واسي پڻ اهڙي ماجرا تي پڻ حيرانگي جو اظهار ڪيو آهي. هنن چوڻ هو ته اسان کي پاڻ حيرت ٿي ته ڪيتري عرصي کان بيٺل گهڙيال ٻيهر زلزلو اچڻ ڪري ٽائيم ٻڌائڻ لڳو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو