110

سڄي دنيا ۾پاڪستاني سفارتخانو جيئن هلي پيو،هاڻي وڌيڪ ائين نه هلي سگهندو:وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي دنيا ۾پاڪستاني سفارتخانو جيئن هلي پيو،هاڻي وڌيڪ ائين نه هلي سگهندو، سڄي دني ا۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سان وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سعودي سفارتخاني مان پريشان ڪندڙ اطلاع ملي رهيا هئا، فيڊ بيڪ سٺو نه هو، پنهنجن شهرين سان مناسب رويو نه هو، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته خواهش آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سان سفيرن جو رويو بهتر هجي،سمنڊ پار پاڪستاني وڏو سرمايو آهن، سمنڊ پار پاڪستانين جي موڪليل ناڻي جي ڪري پاڪستان ڏيوالو ٿيڻ کان بچي ويو،انهن جو خيال رکڻ گهرجي، سفارتخانن جو ڪم پنهنجن شهرين کي سروس ڏيڻ آهي،انهن جو اهو رويو هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني سفارتخانن ۽ شهرين ۾رابطي جو نظام ناهي، سٽيزن ڪورٽن تي سفارتخانن ۾ غير ضروري دير جون شڪايتون ملي رهيون آهن. سفارتي عملي جي ناروا سلوڪ تي نظر رکڻ لاءِ ڪو به نظام موجود ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو