130

پاڪ-سعودي عسڪري تعاون خطي جي امن ۽ سلامتي تي مثبت اثر ڇڏيندو:آرمي چيف

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ آرمي چيف جنرل قمبر جاويد باجوه ۽ سعودي چيف آف جنرل اسٽاف سان ملاقات ڪئي، ان دوران دفاعي تعاون ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ٻنهي فوجي سربراهن ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي صورتحال،افغان امن عمل ۽ دفاعي تعاون تي ڳالهيون ڪيون، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ٻنهي هٿياربند فوج جي وچ ۾فوجي تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، جڏهن ته سعودي چيف آف جنرل اسٽاف علائقائي تعاون، امن ۽ استحڪام بهتر بڻائڻ لاءِ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ-سعودي عسڪري تعاون خطي جي امن ۽ سلامتي تي مثبت اثر ڇڏيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو