اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد ڪورونا پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايم ڊي ايم اي جي رپورٽ غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته اين ڊي ايم اي وٽ اربين رپيا اچن ٿا،ڪو پتو ناهي ته رقم ڪيڏانهن وڃي ٿي. رپورٽ موجب ٻڌڻي دوران ايم ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته مان ڪجهه عرصو اڳ ۾ چارج سنڀالي آهي، جنهن تي چيف جسٽس کيس چيو ته ڇا اسان کي خبر ناهي ته توهان ڪڏهن چارج ورتي آهي، چار پنج ڀيرا آرڊر ڏنو ته ڪجهه دستاويز ڏئي ويا، ڪراچي جي حاجي ڪئمپ واري قرنطينه سينٽر جو دورو ڪيو آهي؟ چيف جسٽس وڌيڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته اتي لکين رپيا خرچ ٿيا،پر پاڻي ۽ واشروم جي سهولت ناهي، رپورٽ ڏني وڃي ٿي،زميني حقيقتون ڪجهه ٻيون هونديون آهن. هڪ ڪمپني ماسڪ جي فيڪٽري هنئي آهي،مشينري ۽ ڊيوٽيز رقم روڪ ڏني،چارٽر جهاز تي مشينري گهرائي، چين ۾پاڪستاني سفير ذريعي خريداري ڪئي، ڇا هو اتي خريداري ڪري ٿو يا ڊپلوميٽڪ ڪم به آهن. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ آڪسيجن سلينڊر جي قيمت مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد حڪم ڏنو ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ٻن ڏينهن ۾قيمت مقرر ڪري، قيمت طئه ڪرڻ جو طريقيڪار به واضح ڪيو وڃي ۽ رپورٽ ڏني وڃي. وفاقي سرڪار پاڪستان اسٽيل مل مان آڪسيجن حاصل ڪرڻ بابت رپورٽ ڏي. عدالت ڌرين جي دليلن بعد ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
138