160

اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ گهڻو دٻاءُ هو،پاڪستان جواب ڏئي ڇڏيو:شيرين مزاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري انڪشاف ڪيو آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ گهڻو دٻاءُ وڌو پيو وڃي، پاڪستان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شيرين مزاري چيو ته پاڪستان صاف لفظن ۾کين چئي ڇڏيو ته فلسطين کي انصاف ملڻ تائين اسرائيل بابت سوچي به نٿو سگهجي، افسوس آهي ته او آءِ سي ۾فلسطين ۽ ڪشمير لاءِ آواز نه پيو اٿاريو وڃي،پاڪستان ماضي ۾هر مسلمان ملڪ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ آواز اٿاريو، هن چيو ته ماضي ۾مسلمان ملڪن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اهي ملڪ اٿي بيهندا هئا،ڀارت ۽ اسرائيل انساني حقن جي قانون جون ڌڄيون اڏايون آهن، آمريڪي صدر جوبائيڊن جي اچڻ سان خاص تبديلي نه ايندي،فلسطين بابت ٽرمپ ۽ جوبائيڊن وچ ۾فرق نظر نه پيو اچي. هن چيو ته رمضان شروع ٿيو آهي ته اسرائيل مسلمانن کي نماز پڙهڻ ۽ اذان ڏيڻ کان روڪيو، مسلمان ملڪن کي گهٽ ۾ گهٽ فلسطين ۽ ڪشمير لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. ڪشمير ڪميٽي وانگر پاڪستان ۾ فلسطين ڪاميٽي به ٺاهڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو