ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان جا سيڙپڪار دوست مهانگائي ڪري پئسو ٺاهي رهيا آهن، بجلي قيمت ۾رڪارڊ واڌ عوام دشمني آهي، مافياز جي سرپرست حڪومت ماڻهن کي ڦري پئي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي موجوده حڪومت هڪ سال ۾بجلي قيمتن ۾29 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، گهرن جي مسواڙ ۾9.3 سيڪڙو جي واڌ ڪئي آهي، عام ماڻهو کي روڊ تي آڻڻ برابر آهي، کائڻ پيئڻ جون شيون 15.9 سيڪڙو مهانگيون ٿيون آهن، هن حڪومت ۾عوام پيسجي رهيو آهي،عام ماڻهو عيد لاءِ نوان ڪپڙا وٺڻ لاءِ به پنهنجي کيسي کي ڏسي رهيو آهي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت بدترين مهانگائي ۾بينظير ڀٽو مزدور ڪارڊ جاري ڪيو،6 لک پورهيتن جي زندگي آسان بڻائينداسين، بيماري،ٻارن جي تعليم ۽ شادي لاءِ گرانٽ ملندي،وفاق ۾اقتدار ۾اچي سڄي ملڪ جي پورهيتن کي اهڙا ڪارڊ ڏينداسين.
