اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزارت پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ جي نظرثاني درخواست ٻڌڻ لاءِ 3 نالا تجويز ڪري ڇڏيا آهن، درخواست ٻڌڻ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جي سمري وزيراعظم عمران خان کي موڪلي وئي آهي، تجويز ڪيل ڪاميٽي ۾ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري محمد ايوب چوڌري، جوائنٽ گهرو سيڪريٽري محمد رمضان ۽ قانون واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري خرم شهزاد مغل جا نالا شامل ڪيا ويا آهن. وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد ڪاميٽي ٽي ايل پي اپيل تي نظرثاني ڪندي.
133