122

آڪسيجن ۽ تياري جو سامان درآمد ڪرڻ لاءِ هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي سربراهي ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آڪسيجن ۽ ان جي تياري جو سامان درآمد ڪرڻ لاءِ هڪ ارب 80 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته خانگي بجلي گهرن کي 90 ارب جي رهتن جي پهرين قسط ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بلڊنگ تعمير ڪرڻ لاءِ 57 ڪروڙ رپين جي پڻ منظوري ڏني وئي.جڏهن ته بچاءُ واري وزارت پيٽرول ڊويزن ۽ ٻين جي ٽيڪنيڪل زميني گرانٽ جي پڻ منظوري ڏني وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو