اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جي خلاف مريم نواز، يوسف عباس ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي چيو ته انهن درخواستن تي بحث ڪريو،اسان دليل ڏيون ٿا، جنهن تي نواز شريف جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيب اڳ ۾ٻن درخواستن تي پنهنجو جواب جمع ڪرائي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کي سمورين درخواستن تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڏني ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 17 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
140