اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سان معروف عالم دين مولانا طارق جميل ملاقات ڪئي، ان دوران اهم معاملن تي ڳالهيون ٿي، وزيراعظم مولانا طارق جميل کان صحتيابي بابت پڇا ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم مولانا طارق جميل کي چيو ته هو ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ عالمن کي خصوصي گذارش ڪري.وزيراعظم چيو ته مسجدن ۾ جيترو ايس او پيز تي عمل ٿيو، اوترو ڪنهن به ناهي ڪيو.
