مٺي (ويب ڊيسڪ) مٺي ويجهو ڳوٺ رائيلو رند جي ميگهواڙ پاڙي ۾ گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن ڏسندي ڏسندي آس پاس جي گهرن کي وڪوڙي ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ ميگهواڙ برادري جا 26 گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن ۾ سومجي، گرڌاري، ڪرتو، راڻو، کيتو، گڙسو، ڏيال، ڪيسرو، جھامن، کينئرو، چندو، سومار ، ڪاھو، ڀورو، ھيمون، ڪرشن ميگھواڙ ۽ ٻيا شامل آھن، جڏهن ته باهه سبب گهرن ۾ پيل نياڻين جو ڏاج، سونا زيور، اناج، ضروري ڪاغذن ۽ هنڌ بسترن سميت الهه تلهه سڙي خاڪ جو ڍير ٿي ويو، گهرن ۾ بيٺل 4 ٻڪريون سڙي مري ويون، جڏهن ته اطلاع تي صرف هڪ فائر برگيڊ جي گاڏي پهتي، رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت مڙسي ڪري باهه تي ضابطو آندو، باهه جو سبب معلوم نه ٿيو، اطلاع تي اي سي راجيش گوئل، پ پ اڳواڻ سيشل ملاڻي ۽ ٻين پهچي متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ نقصان بابت ڄاڻ ورتي، کين هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جڏهن متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، باهه متاثرين جو چوڻ ھو ته اسانجي اڃا تائين ڪنهن به قسم جي پرگھور ناھي ٿي، اسان کلي آسمان ھيٺ شديد گرمي ۾ پيا آھيون، اسان وٽ جسم تي پاتل جوڙي سواءِ ٻي ڪپڙي جي به اڳڙي ناھي رھي، اسان تمام عوامي نمائندن، لاڳاپيل کاتن ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪريون ته اسانجي جلد از جلد واھر ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.
155