سکر(ويب ڊيسڪ) دارالامان سکر ۾ ڪلارڪ پاران عورت سان جنسي ڏاڍائيءَ جو انڪشاف عورت جي موڪليل خط جو چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي پاران سخت نوٽيس سيشن جج سکر انڪوائري آفيسر مقرر انڪوائري رپورٽ مڪمل ڪري سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم جوابدار تي سي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل جوابدار محمد شريف مغل گرفتار، ان سلسلي ۾ سکر جي دارالامان ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ھڪ عورت سان جنسي ڏاڍائيءَ جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سکر دارالامان ۾ قيد جا ڏينھن گھاريندڙ ھڪ مجبور عورت وينجھر ڪجهھ ڏينھن پھريان سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي جي چيف جسٽس کي خط لکي حقيقت کان آگاھ ڪندي لکيو هو ته دارالامان جو ڪلارڪ محمد شريف مغل ان کي زبردستي جنسي حوس جو مسلسل نشانو بڻائي پيو، اھڙي موڪليل خط تي چيف جسٽس آف سنڌ ھاءِ ڪورٽ، سيشن جج سکر کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪندي انڪوائري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ھو، گذريل ڏينھن سيشن جج سکر دارالامان ۾ قيد عورتن جا بيان قلمبند ڪيا جن پنھجي حلفيه بيانن ۾ چيو آهي ته ڪلارڪ جوابدار محمد شريف مغل وينجھر نالي عورت سان ڪيترائي ڀيرا زيادتي ڪئي آهي اسان کي خاموش نه رھڻ جي صورت ۾ قتل جون ڌمڪيون ڏيندو آهي جنھن ڪري اسين خاموش ھيو سين، ملزم وينجھر نالي عورت جو دماغي توازن درست نه ھجڻ سبب ڪيترائي ڀيرا فائدو کڻي چڪو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون موجب جوابدار محمد شريف مغل خلاف سي سيڪشن ٿاڻي تي 3961 جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي
