لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم جي نالي سان هڪ يونين ٺاهي وئي آهي جنهن جو مقصد اين آر او وٺڻ آهي، لاهور ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ ماڻهون روڊن تي ڪورونا سبب فوت ٿين پيا، ڪورونا جي ٻي لهر ۾ الله پاڪ اسان تي وڏو ڪرم ڪيو آهي، سموري عوام کي ماسڪ پائڻ جي اپيل ٿو ڪيان، ثابت ٿي ويو آهي ته ڪورونا ماسڪ سان ڪورونا ڪنٽرول ٿيندو آهي، هن جو چوڻ هو ته منهنجي عمر پاڪستان جيتري آهي، هڪ مائنڊ سيٽ آهي ته هي ننڍي طبقي جو پاڪستان آهي، ننڍي طبقي سڄي نظام کي گهيراءُ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، جيلن ۾ صرف غريب عوام نظر اچي ٿي، اسانجي انصاف جو نظام طاقتور کي نٿو جهلي سگهي، هن چيو ته جڏهن انگريز ڇڏي ويو ته سرڪاري اسپتالن ۾ بهترين علاج هو، آهستي آهستي اميرن جي لاءِ پرائيويٽ اسپتال ٺهي ويا، وزيراعظم جو چوڻ هو ته لاهور ۾ آهستي آهستي ڪچي آباديون ٺهندي ڏٺيون، لاهور ۾ آلودگي نه هئي، آهستي آهستي لاهور بنا پلاننگ جي پکڙبو ويو، اميرن ۽ غريبن جا علائقا الگ ٿي ويا، اڄ اڌ ڪراچي ڪچي آبادي آهي، ڪچي آبادي ۾ رشوت وٺي بجلي ۽ گيس ڏنو ٿو ونڄي.
133