116

خوشاب جي عوام به کنڊ ۽ اٽي چورن کي رد ڪري ڇڏيو: مسلم (ن) ليگ صدر شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم (ن) ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته طوشاب جي عوام به اٽي ۽ کنڊ چورن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مسلم ليگ(ن) جي صدر چيو ته نوشهره، ڊسڪا، وزيرآباد ۽ هاڻ  خوشاب  جي عوام به (ن) ليگ تي ڀروسي جي مهر لڳائي ڇڏي آهي، هن وڌيڪ چيو ته خوشاب جي عوام مسلم ليگ(ن) جي ترقي جي ايجنڊا جي حمايت ڪئي، هي ووٽ نوازشريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ پنجاب جي ترقي جو ووٽ آهي، شهباز شريف پي پي 84 خوشاب ۾ (ن) ليگ جي فتح تي ليگي اميدوار معظم شير ڪلو کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مسلم ليگ(ن) پنهنجي دور ۾ جيڪا خدمت ڪئي عوام ان جو اعتراف ڪري رهي آهي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي پي 84 خوشاب ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ مسلم ليگ(ن) جي اميدوار ملڪ معظم شير ڪلو 73081 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو