134

آمريڪي جهازن جي طالبان فورس تي شديد بمباري، هلمند ۾ گذريل هفتي کان شديد لڙائي جاري آهي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ڏاکڻين حصي ۾ طالبان جي وڏي حملي کان بچڻ لاءِ آمريڪا جنگي جهازن جي بمباري ذريعي افغان فورسز جي مدد ڪري رهيو آهي، رپورٽن مطابق افغانستان جي ڏاکڻين صوبي هلمند ۾ گذريل هفتي کان شديد لڙائي جاري آهي، جڏهن ته آمريڪي فوج پاران ملڪ مان باضابطه طور نڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، آمريڪي فوج گذريل سال طالبان سان ٿيل معاهدي موجب پهرين مئي تائين روانگي جو عمل مڪمل ڪرڻو هو پر واشنگٽن اهڙي وقت ۾ 11 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي جنهن تي طالبان ناراض ٿي پيا، سرڪاري عهديدار عتيق الله افغان چيو آهي ته بمباري ايڏي شديد هئي جو ڪيترن ئي سالن کان اهڙي بمباري نه ڏٺي، هن چيو ته طالبان فورس اڳتي وڌي آئي هئي پر سرڪاري فوج انهن مان ڪجهه تي وري قبضو ڪري ورتو آهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو