اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي سبب 10 سال جي عمر تائين جا 51 ٻار حياتي ونڃائي چڪا آهن، اين سي او سي جي مطابق ڪورونا جي سبب پاڪستان ۾ هن وقت تائين 18 هزار 537 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، سب کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ 8809 ريڪارڊ ٿيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ 4691 ماڻهون فوت ٿي چڪا آهن، اين سي او سي مطابق ڪورونا جي سبب سب کان وڌيڪ فوتگيون 61 کان 70 سال جي درميان عمر جي ماڻهن ۾ ٿيون آهن، فوت ٿيڻ وارن ۾ 154 هيلٿ ڪيئر ورڪرز به شامل آهن.
126
Very Nice Newspaper