119

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو سبب عمران خان جا غلط فيصلا آهن، هو هاڻ قوم کان معافي وٺي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان آءِ ايم ايف سان ڊيل تي اسان جي ڳالهه مڃي ها ته معيشت ائين تباهه نه ٿئي ها، ڊيل ۾ پنهنجي غلطي مڃڻ ڪافي ناهي پر هاڻ هن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي رپورٽ موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو سبب عمران خان جا غلط فيصلا آهن هو ڪنهن ٻئي کي قرباني جو ٻڪرو بنائي پاڻ بچي نٿو سگهي، عمران خان وٽ هڪ اهل حڪمران واري سمجهه نه آهي، پهريان هن آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جو دفاع ڪيو، پوءِ دير سان معاهدو ڪري غلط ڊيل جو دفاع ڪيو، ان کان پوءِ تحريڪ انصاف يو ٽرن به ورتو، هن چيو ته عمران خان غلطيون ڪندو آهي، غلطين جو اعتراف ڪندو آهي ان کان پوءِ ساڳيون ئي غلطيون ٻيهر ورجائيندو آهي، هي ملڪ آهي ڪو ڪلاس جو ڪمرو نه آهي، عمران خان جا آءِ ايم ايف جي هدايتن تي وڌيڪ ٽيڪس جا هٿڪنڊا ناڪام بنائينداسين، وزيراعظم آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجلي، گيس ۽ پيٽرول مهانگو ڪيو. آءِ ايم ايف جي پگهاردار ملازمن کي عوام جا فيصلا ڪرڻ نه ڏينداسين،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو