210

شفقت محمود جو 15 جون کانپوءِ امتحانات ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته 15 جون کانپوءِ بورڊ جا امتحان شروع ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ بيان ۾ شفقت محمود جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ٿيندڙ بين الصوبائي وزيرن جي تعليم ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته بورڊ جا امتحان 15 جون کانپوءِ شروع ٿيندا، شفقت محمود جو چوڻ هو ته 15 جون کانپوءِ 12هين ۽ 10هين جماعت جا امتحان ترجيحي بنياد تي ٿيندا، جڏهن ته يارهين ۽ نائين جماعت جا امتحان بعد ۾ شروع ٿيندا، هن جو چوڻ هو ته انٽرميڊيٽ ۽ مئٽرڪ جي امتحانن کي ترجيح ڏني ويندي جيئن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا کان پهرين انهن جا نتيجا اچي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو