ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽي وي توڙي فلمن جي نوجوان اداڪاره ايشل فياض انڪشاف ڪيو آهي ته ننڍپڻ ۾ کيس ويڳي پيءُ طرفان ڪيترائي ڀيرا جنسي هراسان ڪيو ويو، هن پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته جڏهن ته 6 کان 7 سالن جي هئي ته سندس پيءُ فوت ٿي ويو، ان بعد والده ٻي شادي ڪئي، آئون ٿوري وڏي ٿيس ته ويڳي پيءُ مون کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، بار بار اهڙو عمل ڪرڻ تي مون پنهنجي والده کي ٻڌايو، جنهن ويڳي پيءُ کان طلاق وٺي ڇڏي. ۽ ٻيهر شادي نه ڪئي.
131