اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي اينٽي ريپ (انويسٽيگيشن اينڊ ٽرائل) آرڊيننس تحت سيشن ڪورٽن کي ريپ جا ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو، آرڊيننس تحت سڄي ملڪ ۾ اسپيشل ڪورٽس قائم ٿيڻ تائين ريپ ڪيس سيشن ڪورٽس ۾ ٻڌا ويندا، صدر چيف جسٽس جي مشاورت سان اختيار سيشن ججن کي ڏنو. واضح رهي ته قانون واري وزارت جنسي ڏوهن بابت ڪيسن لاءِ خاص عدالتون قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ سمري وزيراعظم ۽ صدر کي موڪلي هئي. قانون واري وزارت جي ترجمان موجب سيشنز ۽ ايڊيشنل سيشن ججن جي عدالتن کي خاص اختيار ڏنا ويندا، خاص عدالتون جنسي زيادتي جا ڪيس 4 مهينن ۾ اڪلائينديون.
121