129

ڀارت ۾ ڪورونا سبب اڳوڻي وزير سميت 4 هزار ماڻهو فوت، 4 لک 12 هزار ڪيس سامهون اچي ويا

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا سبب اڳوڻي وزير سميت 4 هزار ماڻهو فوت، 4 لک 12 هزار ڪيس سامهون اچي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي وبا سبب ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن ۽ فوتگين جو نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو آهي، اڳوڻو وزير به لاڏاڻو ڪري ويو، هڪ ڏينهن ۾ 4 هزار ماڻهو وائرس سبب حياتين تان هٿ کڻي ويٺا، 4 لک 12 هزار کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيس سامهون اچي ويا آهن، ڀارت ۾ ڪل ڪيسن جو انگ 2 ڪروڙ 10 لک کان وڌي ويو، جڏهن ته مهاراشترا ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 920 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، اڳوڻي ڀارتي وزير چرن سنگهه جو پٽ ۽ اڳوڻو سول ايوي ايشن جو وزير اجيت سنگهه به ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جڏهن ته ڪيسن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو