228

عيد تائين گجر نالي ۽ اورنگي نالي تي آپريشن فوري طور تي روڪڻ جو حڪم: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ عيد تائين گجر نالي ۽ اورنگي نالي تي آپريشن ترت روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تجاوزات جي آڙ ۾ ليز گهر ڪيرائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اورنگي ۽ گجر نالي جا متاثرين عدالت ۾ پيش ٿيا، متاثرين نالين تي آپريشن روڪڻ ۽ متبادل جڳهه جي لاءِ درخواست جمع ڪرائي آهي، عدالت انظاميا کي عيد تائين گجر نالي ۽ اورنگي نالي تي جاري ڪيل آپريشن ترت روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته عيد جي ڏينهن دوران شهرين کي گهرن مان بي دخل نه ڪيو ونڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو